ڀارت ۾ ڪورونا 3 لک کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ويو

نئين دهلي :ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو مجموعي انگ 3 لکن کان وڌي ويو.
ڀارت جي صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب 4 هزار 454 انساني جانيون ضايع ٿي ويون، جڏهن ته نوان ڪيس به 2 لک 22 هزار 315 رڪارڊ ڪيا ويا آهن.
ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب مجموعي طور 3 لک 4 هزار تائين ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته متاثرن جو مجموعي انگ 27 ملين جي ويجهو پهچي ويو آهي.