صوبائي وزير هري رام کي آفيس اندر دل جو دورو

ڪراچي: خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال کي آفيس ۾ دل جو دورو پئجي ويو، کيس ايمبولنس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو. صوبائي وزير هري رام سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اولڊ ڪي ڊي اي بلڊنگ ۾ آفيس ۾ ويٺو هو ته کيس دل جو دورو پيو، صوبائي وزير کي ايمبولينس ذريعي اين آء سي وي ڊي منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج جاري آهي.