ٺيڪيدار سيف الله ابڙو جي ڪمپني پاران کنيل ٺيڪن جي جاچ ڪرائي ويندي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو: پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي نه پي ڊي ايم ڇڏي آهي ۽ نه ئي ڇڏڻ چاهيون ٿا. پيپلز پارٽي کي پي ڊي ايم جي اجلاس جي دعوت ڏني وئي ته ان وقت فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر جي ڀاءُ وفاقي حڪومت جي ڏڍ تي انجنيئرز ۽ ملازمن تي تشدد ڪيو. XEN وٽ ڪا اين آئي ٽي نه هئي ۽ جڏهن اين آءِ ٽي ٿي ته ٺيڪيدارن اپلاءِ ئي نه ڪيو. نثار کهڙي چيو ته پي ٽي آءِ سينيٽر جي ڀاءُ ٺيڪيدار ، بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ انجينئرز ۽ ملازمن تي دٻاءُ وڌو. سينيٽر سيف الله ابڙو جي ڪمپني اڳ ۾ ئي 27 روڊن جا 76 ڪروڙ رپين جا ٺيڪا حاصل ڪري چڪي آهي ۽ ڪو به ٺيڪيدار قانوني طور تي ٺيڪا کڻي سگهي ٿو. سيف الله ابڙو جي ڪمپني پاران کنيل ٺيڪن جي جاچ وزيراعليٰ جي انسپيڪشن ٽيم ۽ ٻين ادارن کان ڪرائيندس. سيف الله ابڙي جي ڪمپني پاران 4 سال اڳ وارو تعميراتي ڪم اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي حوالي ڪيو ويو آهي ، ان حوالي سان پڻ جاچ ڪئي ويندي. نثار کهڙي چيو ته سيف الله ابڙي جي ڪمپني خلاف ٺيڪي لاءِ بليڪ ميل ڪرڻ تي پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي.