جهانگير ترين گروپ جو نامزد وفد اڄ عثمان بزدار سان ملاقات ڪندو

لاھور: جهانگير ترين گروپ جو نامزد وفد اڄ پنجاب جَي وڏي وزير عثمان بزدار سان ملاقات ڪندو، 6 رڪني وفد ۾ سعيد اڪبر نواني، اجمل چيمه، نعمان لنگڙيال ۽ ٻيا شامل آهن، ترين گروپ جو وفد عثمان بزدار کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪندو، جھانگير ترين گروپ ۽ جھانگير ترين پاران پنجاب سرڪار مٿان انتقامي ڪاررواين بابت ڳالھيون ڪيون ويون ھيون، جنھن کانپوءِ ھي اڄ ملاقات ٿي رھي آھي.