سنڌ ۾ ڪمند جي فصل کي نئين بيماري، الرٽ جاري

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪمند جي فصل تي نئين بيماري حملو ڪري ڇڏيو.
سنڌ آبادگار بورڊ زراعت کاتي ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي ان حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ايگريڪلچر ايڪسيٽينشن سنڌ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڊويزنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن کي خط لکيو ويو آهي، جنهن جي متن موجب سڀني ڊويزنز جو لاڳاپيل عملو آبادگارن ۽ شگر ملز سان رابطو رکي.
سنڌ آبادگار بورڊ جي سينيئر نائب صدر محمود نواز شاهه موجب گذريل سال ٽنڊي الهيار ۾ بيماري سامهون آئي هئي، نئين بيماري ۾ ڪمند سُڪي ويندو آهي.
هن ٻڌايو ته لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ عملي سيمپل به وٺي ڇڏيا آهن، بيماري سڪرنڊ، ٽنڊي الهيار جي هڪ فارم جي ڪجهه ايراضي تي ظاهر ٿي آهي.