آمريڪي فوج هلمند بيس افغان فوج حوالي ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي فوج هلمند ۾ فوجي بيس افعان فوج جي حوالي ڪري ڇڏيو.
آمريڪا جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي جو عمل جاري آهي ۽ ڪم 12 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته آمريڪا جي صدر جوبائيڊن افغانستان مان 11 سيپٽمبر تائين آمريڪي فوج جي نڪري وڃڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.