اسرائيل ۽ فلسطين ڇڪتاڻ کي اڳتي نه وڌائين:بورس جانسن

لنڊن: برطانوي وزيراعظم بورس جانسن چيو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين ڇڪتاڻ کي نه وڌائين.
فلسطين مٿان هن وقت به اسرائيلي بمباري جاري آهي، ان حوالي سان برطانيا جي وزيراعظم پڻ ڳالهايو آهي،ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ هن چيو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين تڪرار جي شدت کي وڌيڪ تيز نه ڪن ۽ ڌريون صبر جو مظاهر ڪن، برطانيا کي شهرين مارجڻ تي ڪافي ڳڻتي آهي، چاهيون ٿا ته ڇڪتاڻ واري صورتحال ختم ٿي وڃي.