سنڌ ۾ 24ڪلاڪن اندر ڪورونا وگهي 7 مريض فوت، 966 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ 24ڪلاڪن اندر ڪورونا وائرس وگهي 7 مريض فوت ٿي ويا، 966 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 13821 ڪورونا جو ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 966 ڪيسز جي تصديق ٿي آهي، اڄ 7 مريض فوت ٿيا آهن، ڪورونا مان 805 ڄڻا چاڪ ٿي ويا، 17424 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 628 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي، 54 مريض وينٽي ليٽر تي آهن.