اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف اپيل ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف اسلام آباد ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جون اپيلون به ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ 17 مئي تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو، جسٽس سردار طارق، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس مظهر عالم ميان خيل ۽ جسٽس سجاد علي شاهه به بينچ جو حصو هوندا. سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.