بنگلاديش ۾ ٻه ٻيڙيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي پيون، ڇويهه ڄڻا فوت

ڍاڪا: بنگلاديش جي درياءَ پدما ۾ ٻه ٻيڙيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي پيون جنهن جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي پيا.
پوليس موجب پدما درياءَ ۾ گنجائش کان وڌيڪ مسافرن واري ٻيڙي مٽي سان ڀريل ٻيڙي سان وڃي ٽڪرائي.
پوليس عملدارن موجب حادثي ۾ ريسڪيو اهلڪارن 5 ڄڻن کي بچائي ورتو جڏهن ته 26 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي پيا، گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا جاري آهي