آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ڪيپٽن(ر) صفدر جي عبوري ضمانت منظور

پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف جي ناٺي ڪيپٽن(ر) محمد صفدر جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

جسٽس لعل جان جي سربراهي ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فاضل جج آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ڪيپٽن(ر)  محمد صفدر جي  عبوري ضمانت جو  محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت مان ضمانت جي منظوري کان پوءِ محمد صفدر هاءِ ڪورٽ ۾ شڪراني جا نفل ادا ڪيا.

ان موقعي تي هن  چيو ته مدينه منوره ۾ گهريل دعائون قبول ٿي ويون. ضمانت ملڻ تي خوش آهيان. انصاف ملڻ تي پشاور هاءِ ڪورٽ جو ٿورائتو آهيان.