نيشنل يوٿ اسيمبلي سنڌ جي گورنر دانيال جيلاني جي ڪوئيٽا ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت

ڪراچي: نيشنل يوٿ اسيمبلي سنڌ جي گورنر دانيال جيلاني سيرينا هوٽل ڪوئيٽا جي پارڪنگ ۾ بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي .

پنهنجي پريس بيان ۾ دانيال جيلاني ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي نهايت ئي ڏک ۽ صدمي جو اظهار ڪيو آهي .

هن مارجي ويلن جي وارثن سان نهايت ئي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي .

پنهنجي بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪوششن سان امن امان جي بهتر صورتحال خراب ڪرڻ جي ملڪ دشمن عنصرن جون بزدلاڻيون ڪارروائيون ضرور بي نقاب ٿينديون .