آمريڪا ۾ جارج کي قتل ڪندڙ پوليس آفيسر مٿان فرد جرم لاڳو

واشنگٽن:آمريڪي عدالت پوليس هٿان قتل ڪيل ڪاري شهري جارج فلائيڊ جي قتل ڪيس ۾ پوليس آفيسر مٿان فرد جرم لاڳو ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي عدالت جي 12 ججن تي ٻڌل جيوري گذريل سال مينيا پولس ۾ پوليس هٿان قتل ڪيل ڪاري شهري جارج فلائيڊ جي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ مينيا پولس پوليس جي اڳوڻي آفيسر 45 سالن جي گوري ڊيرڪ شاوين مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب ڊيرڪ تي الزامن ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ڊگري قتل ۽ قتل عام جا الزام شامل آهن.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اڳوڻي پوليس آفيسر جي ضمانت کي فوري طور رد ڪيو جنهن بعد عدالت جي ڪمري مان هن کي گرفتار ڪيو ويو.