اڳوڻو پيمرا چيئرمين ابصار عالمي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي، اسپتال داخل

اسلام آباد: سينيئر صحافي ۽ پاڪستان اليڪٽرونڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جو اڳوڻو چيئرمين ابصار عالم قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پيو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ابصار عالم ايف اليون پارڪ ۾ واڪ ڪري رهيو هو ته اڻڄاتل شخص مٿس فائرنگ ڪئي. ذريعن موجب ابصار عالم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هن جي پيٽ ۾ گولي لڳي آهي پر سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. ان حوالي سان ويڊيو بيان ۾ ابصار عالم جو چوڻ هو ته مون کي لڳو ته اڻڄاتل شخص مون ڏانهن پيو اچي ۽ اُهو ماڻهو مون تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو. ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ابصار عالم تي فائرنگ جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.