فرانسيسي سفير جي ملڪ بدريءَ تي بحث جو ٺهراءُ پيش، قومي اسيمبلي ۾ گوڙ

اسلام آباد: حڪومت پابندي پيل تنظيم ٽي ايل پي جي مطالبي تحت فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري ۽ ناموسِ رسالت بابت ٺهراءُ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن جو احتجاج ۽ گوڙ، اسپيڪر اسد قيصر ۽ نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي هڪٻئي سان تيز ٿي ويا، ٺهراءُ ۾ فرانسيسي مئگزين طرفان ناموسِ رسالت ﷺ جي توهين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته توهين رسالت تي فرانسيسي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ واري مسئلي تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو وڃي، فرانس سوڌو سمورن يورپي ملڪن ۾ معاملي جي سنگيني کان آگاهه ڪيو وڃي، عالمي لاڳاپن جا مامرا رياست کي طئه ڪرڻ گهرجن، ڪوبه فرد، گروهه يا جماعت عالمي لاڳاپن حوالي سان بنا جواز دٻاءُ نٿا وجهي سگهن، صوبائي حڪومتون سمورن ضلعن ۾ احتجاج لاءِ هنڌ طئه ڪن، احتجاج رستن بدران مخصوص جاين تي ڪيو وڃي ته جيئن عوام لاءِ ڪي به رڪاوٽون پيدا نه ٿين.