فرانس ۾ ننڍو جهاز ڪِري تباهه، 4 ڄڻا فوت

پئرس: فرانس جي تخت گاهه پئرس ۾ ننڍو جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو حادثو پئرس جي اوڀرين حصي ۾ پيش آيو، جتي هڪ ننڍو جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ سوار 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
رپورٽ موجب اها هڪ تربيتي اڏام هئي، جڏهن ته اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.