وفاقي ڪابينا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي پئماني تي ردوبدل

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا ۾ ٻيهر وڏي پئماني تي ردوبدل ٿي آهي، حماد اظهر کان ناڻي واري وزارت واپس ورتي وئي آهي، شوڪت ترين کي ناڻي ۽ روينيو واري وزارت جا قلمدان ڏنا ويا، حماد اظهر توانائي وارو وزير مقرر ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب شبلي فراز کي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي، عمر ايوب کي اڪنامڪ افيئرز جيوزارت ڏني وئي، فواد چوڌري کي سڌ سماءَ کاتي جو قلمدان ڏنو ويو آهي.