راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪي پرڏيهي وزير انتهوني بلنڪن ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علاقائي سلامتي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ افغان امن عمل ۾ تازي اڳڀرائي ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.