جي يو آءِ اڳواڻ مفتي ڪفايت الله گرفتار

مانسهرا: جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مفتي ڪفايت الله کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مفتي ڪفايت الله جي گرفتاري 3 ايم پي او تحت عمل ۾ آندي وئي آهي، جي يو آءِ اڳواڻ ٻن مهينن کان روپوش هو. واضح رهي ته وفاقي ڪابينا رياست مخالف بيانن تي مفتي ڪفايت الله جي گرفتاري جو فيصلو ڪيو هو.