ٽي ايل پي احتجاج: گهرو وزارت سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ جي احتجاج جي حوالي سان شرپسند عناصر ۽ امن ۾ رنڊڪ وجهندڙ ماڻهن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. گهرو وزارت ۾ تحريڪ لبيڪ جي ملڪ گير احتجاج جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو وزير شيخ رشيد، مذهبي معاملن وارو وزير نورالحق قادري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اختيارين شرڪت ڪئي.

آءِ جي پنجاب به وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته امن امان جي صورتحال ڪنهن به صورت ۾ خراب نه ڪئي وڃي قانون هٿ ۾ کڻندڙ ۽ شرپسندن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. گهرو وزارت اسلام آباد جي حساس علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ترامزي، فيض آباد، ٽي چوڪ، روايت، ايڪسپريس وي، اڻهال چوڪ، باره ڪهو ۾ انٽرنيٽ سروس 24 ڪلاڪن جي لاءِ معطل رهندي.

ٻئي طرف لاهور ۾ به قانون واري وزير راجه بشارت جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاهور جي 16 اهم هنڌن تي پوليس سان گڏوگڏ رينجرز به مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ تي پاڪ فوج جون خدمتون وٺي سگهجن ٿيون.  رستا کولرايا ويندا گهڻو برداشت ڪيو هاڻ رستا بند  ٿيڻ نه ڏينداسين.