وفاق ڪراچي حيدرآباد پيڪيج لاءِ ايم ڪيو ايم اسيمبلي ميمبرن کي 20 ارب روپيه جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي: وفاقي سرڪار ڪراچي حيدرآباد پيڪيج جي تحت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قومي اسيمبلي ميمبرن لاءِ 20 ارب روپيه جاري ڪري ڇڏيا.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪراچي ۽ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن پنهنجن پنهنجن علائقن جون ترقياتي اسڪيمون پاڪستان انفرا اسٽرڪچر ڊوالپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ(پي آءِ ڊي سي ايل) وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن جنهن انهن ڪمن جي اسڪروٽني مڪمل ڪري ورتي آهي

سي ڊي ڊبليو پي مان اهي اسڪيمون گذري چڪيون آهن ۽ جلد ايڪنڪ مان منظوري کان پوءِ ٽينڊرنگ جو عمل شروع ڪيو ويندو. اهي فنڊ ڪراچي جي لاءِ 15 ارب ۽ حيدرآباد جي لاءِ 5 ارب روپيه رکيو ويو آهي. انهي فنڊ سان فلائي اوور، سيوريج پاڻي ۽ روڊن جي تعمير، مرمت ۽ عوامي دلچسپي جا ٻيا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا.

پي آءِ ڊي سي ايل ذريعن نه صرف اهي ترقياتي فنڊ اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيڻ جي تصديق ڪئي پر ٻڌايو ته مسلم ليگ(ن) جي خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن جي لاءِ به 3 ارب روپين جو ترقياتي فنڊ وفاق کان موصول ٿي ويو آهي جڏهن ته سيپ جي مد ۾ 3 ارب روپين جو فنڊ ڌار کان آيو آهي.

اهڙي طرح گڏيل طور تي 26 ارب روپين جي رقم جاري ٿي آهي. 20 ارب کان علاوه سيپ جي تحت پهريان ئي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبر کي في ميمبر 25 ڪروڙ روپين جو فنڊ ڏنو ويو آهي. اهڙين اسڪيمن جا ڪراچي ۾ 400 مان 100  ٽينڊر ۽ ٺيڪيدارن کي ورڪ آرڊر ڏيڻ جو عمل به مڪمل ٿي چڪو آهي. ڪراچي جي لاءِ وفاقي حڪومت طرفان جاري ٿيل انهي فنڊ مان شهر ۾ ايندڙ ڪجهه وقت ۾ وڏي پيماني تي ترقياتي ٿيندي نظر ايندا.

ياد رهي ته پي آءِ ڊي سي ايل کان اڳ اسيمبلي ميمبرن جا ڪم هائوسنگ وزارت جي ماتحت پاڪ پي ڊبليو ڊي انجام ڏيندو هو، انهي جي خاتمي کان پوءِ هاڻ وزارت هائوسنگ پي ڊي آءِ ايل سي ايل قائم ڪيو آهي.