خيبرپختونخواهه ڪابينا ۾ واڌ، وڌيڪ 4 وزيرن حلف کڻي ورتو

پشاور: خيبرپختونخواهه حڪومت ڪابينه ۾ وڌيڪ چئن وزيرن کي شامل ڪريڇڏيو آهي. ڪابينه ۾ شامل ٿيندڙ ايم پي ايز ۾ عاطف خان، فضل شڪور، فيصل امين گنڊاپور ۽ شڪيل خان شامل آهن.

گورنر هائوس خيبرپختونخواهه ۾ حلف برداري جي تقريب ٿي جنهن ۾ گورنر شاهه فرمان چئن وزيرن کان حلف ورتو. چئني ميمبرن کي وزيراعظم عمران خان جي منظوري کان پوءِ ڪابينه ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

حلف برداري تقريب ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزيررن، صوبائي اسيملي ميمبرن، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز سميت مختلف کاتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.