وزيراعظم ڊسڪا ۾ شڪست جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان اين اي ڊسڪا جي ننڍي چونڊ ۾ شڪست جي رپورٽ گهرائي ورتي آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم پي ٽي آءِ پنجاب جي اڳواڻ سينيٽر اعجاز چوڌري کي هدايت ڪئي آهي ته اين اي 75 جي 19 فيبروري ۽ 10 اپريل جي ننڍين چونڊن ۾ اليڪشن جي ڀيٽ ڪئي وڃي، 19 فيبروري جي اليڪشن ۾ جيت ۽ 10 اپريل تي شڪست جي سببن جو تعين ڪيو وڃي ۽ تحريڪ انصاف جون خاميون ڳوليون وڃن.

ٻئي طرف اعجاز چوڌري طرفان وزيراعظم کي هڪ هفتي ۾ رپورٽ تيار ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي.