نيپرا بجلي 64 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي آهي.

نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمت ۾ 64 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي جيڪا فيبروري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اهو اضافو صارفين کان اپريل جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو ۽ ماهوار 50 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين هن واڌ کان آجا هوندا.

نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين مٿان هي فيصلو لاڳو نه هوندو.