روس جو پرڏيهي وزير اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچندو

اسلام آباد: روس جو پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ پاڪستان پهچندو. هو ان کان اڳ 2012 ۾ پاڪستان جي دوري تي آيو هو.

وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ گڏيل لاڳاپن کي هٿي، علاقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب روسي پرڏيهي وزير هم منصب شاهه محمود قريشي سان ملاقات ۽ پرڏيهي آفيس ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪندو.

روس جو پرڏيهي وزير آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان به ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير ۽ روسي پرڏيهي وزير گڏيل لاڳاپن کي فروغ تي ڳالهيون ڪندا. پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته روسي پرڏيهي وزير جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو حصو آهي.

هن چيو ته روسي پرڏيهي وزير جو هي ٻن ڏينهن وارو دورو ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا  وڌائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو پاڪستان ۽ روس جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي. پاڪستان۽ روس هڪ ٻئي سان گڏ خطي ۾ تعاون جو ارادو رکن ٿا.