وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ ۾ مسجدن لاءِ ايس او پيز طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: ڪورونا ڪيسز وڌڻ جي خطري کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ ۾ مسجدن جي لاءِ ايس او پيز طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب رمضان المبارڪ ۾ تراويح سميت ٻين مذهبي معاملن تي لائحه عمل جي تياري شروع ڪئي وئي آهي ۽ حڪومت ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ شدت کان پوءِ سڄي ملڪ جي مسجدن لاءِ ايس او پيز طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ان حوالي سان صدر عارف علوي جي سربراهي ۾ گورنرز، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري، صوبائي آفيسرن ۽ عالمن جي وڊيو ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ صدر جو چوڻ هو ته ڪورونا جي خلاف جنگ ۾ عالمن جو به اهم ڪردار آهي ۽ اسان هنن کي به گڏ کڻي هلي رهيا آهيون. ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.