پي ڊي ايم اتحاد آئين جي حڪمراني ۽ عوامي حقن لاءِ ٺهيو، اسان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد : سموري اپوزيشن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندس، حڪومت کي ڏکيائيون ٿيون ته اُن جو به آواز بڻجنداسين، سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني پهريون خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان نوڪري پيشه نه آهيون، عوامي مفادن لاءِ هتي آيا آهيون ۽ عوام جي ترجماني ڪرڻ اسان جو فرض آهي، پي ڊي ايم اتحاد آئين جي حڪمراني ۽ عوامي حقن لاءِ ٺهيو هو، اسان اُن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.