سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اٺين درجي تائين ڪلاسز بند رکڻ جو فيصلو

‏ڪراچي : سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اٺين درجي تائين ڪلاسز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تعليم کاتي 6 اپريل کان 15 ڏينهن لاءِ ڪلاسز بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ اٺين جماعت تائين ڪلاسز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شاگردن کي آن لائين، هو ورڪ ۽ ٻين ذريعن سان تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو ويندو، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته اڱاري تي اين سي او سي جي اجلاس ۾ تعليمي ادارا کُليل رکڻ يا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، امتحانن جي صورتحال تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا.