ڪراچي ۾ سڀ کان وڏو مسئلو بجلي جو آهي: اسد عمر

اسلام آباد : ڪي فور منصوبي تي واپڊا ڪم ڪري رهيو آهي، ڪوشش هوندي ته آگسٽ مهيني ۾ گرين لائين بس سروس شروع ڪئي وڃي، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي۾ سڀ کان وڏو مسئلو بجلي جو آهي، حڪومت 900 ميگا واٽ اضافي بجلي ڏيڻ جو واعدو هو، ڪراچي کي هڪ هزار ميگاواٽ بجلي مهيا ڪئي ويندي، سي پيڪ منصوبي سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، موجوده حڪومت سي پيڪ جي اولهه واري روٽ تي گهڻو ڪم ڪيو آهي، جڏهن ته هن پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري برطانوي فيصلي تي پڻ سوال اٿاريا آهن، ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ هن چيو ته هر ملڪ کي پنهنجي شهرين جي صحت جي حفاظت لاءِ فيصلي جو حق آهي ۽ برطانيه جي طرفان پاڪستان سوڌو ڪجهه ملڪن کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير سوال اٿاريو ته فيصلي سان سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا انهن ملڪن جي چونڊ سائنس کي نظر ۾ رکي ڪئي ئي يا پرڏيهي پاليسي کي، ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي.