پ پ چونڊ سڌارن تي حڪومت سان هر ممڪن سهڪار جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پ پ چونڊ سڌارن تي حڪومت سان هر ممڪن سهڪار جو اعلان ڪري ڇڏيو. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو ته چونڊ سڌارا ضروري آهن، اسان هر سهڪار لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر چونڊ سڌارن ۽ ايوان جي ڪارروائي لاءِ سهڪار گهريو آهي، اسان پارليامينٽ ۾ سٺو ماحول چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر اهڙو ماحول جوڙي، جتي هر ميمبر کي اظهار جي آزادي هجي.