فيس بڪ وينزويلا جي صدر سميت هڪ ارب کان وڌيڪ اڪائونٽس بند ڪري ڇڏيا

لنڊن: سماجي رابطي جي ويب سائٽ فيس بڪ ڪورونا وائرس بابت گمراهه ڪندڙ ڄاڻ پکيڙڻ تي وينزويلا جي صدر نڪولس مارودو جي آفيشل صفحي سميت هڪ ارب 3 ڪروڙ کان وڌيڪ اڪائونٽس ۽ پيجز بند يا منجمد ڪري ڇڏيا آهن.فيس بڪ انتظاميه طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس ۽ ان جي ويڪسين بابت گمراهه ڪندڙ ڄاڻ جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن. جنهن جي تحت گذريل ٽن مهينن دوران هڪ ارب 3 ڪروڙ اڪائونٽ بند يا منجمد ڪري ڇڏيا آهن.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن وينزويلا جي صدر نڪولس مادور جي آفيشل پيج کي منجمد ڪيو ويو جنهن ۾ ڪورونا ويڪسين بابت گمراهه ڪندڙ ڄاڻ شيئر ڪئي وئي هئي. پيج تي ڪورونا جي علاج لاءِ هڪ ديسي ۽ جادوئي طريقو اپنايو ويو هو هي هڪ هوميوپيٿڪ دوا بابت وڊيو هئي جنهن کي فوري طور تي هٽايو ويو هو. فيس بڪ پنهنجي بيان ۾ اقرار ڪيو ته ڪورونا بابت گمراهه ڪندڙ ڄاڻ جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ اڪائونٽ بند ۽ مواد هٽائڻ جو سلسلو گذريل سال کان جاري آهي.3 مهينن ۾ هڪ ارب 3 ڪروڙ اڪائونٽ بند ڪرڻ کان علاوه صحت وارن ماهرن جي نشاندهي تي ڪورونا ويڪسين جي خلاف غلط ڄاڻ تي ٻڌل هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ مواد کي به هٽايو ويو.