عمران خان خلاف بيٺل اپوزيشن ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي: شيخ رشيد

اسلام آباد: گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان خلاف بيٺل اپوزيشن ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي آهي، منهنجو ۽ تنهنجو اپوزيشن ليڊر ڪندي ڪندي سندن ڪم تمام ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ تقريب سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان کي هٽائڻ وارا پاڻ پوئتي هٽي ويا آهن، پي ڊي ايم ۾ اختلاف نه حڪومت جي ڪاميابي آهي نه ئي حڪومت جو ان ۾ ڪو هٿ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم ۾ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ هميشه لاءِ ڌار ٿي چڪيون آهن، هاڻي اصل فيصلو مولانا فضل الرحمان جو آهي، اسان جي ڪنهن سان به ناراضگي ناهي، اپوزيشن اسيمبلين ۾ اچي، عمران خان هنن هٿان وڃڻ وارو ناهي. شيخ رشيد چيو ته لاڪ ڊائون اين سي او سي جو ڪم آهي، منهنجو ناهي، مونکي چيو ويندو ته لاڪ ڊائون ڪرائيندس.