حڪومت پاران ايندڙ اڍائي سالن دوران بجلي مهانگي ڪري عوام کان اضافي 878 ارب رپيا وصول ڪرڻ لاءِ پلان تيار

اسلام آباد: پي ٽي آءِ سرڪار جي باقي رهندڙ اڍائي سالن جي مدت دوران بجلي مهانگي ڪري عوام کان اضافي 878 ارب رپيا وصول ڪرڻ لاءِ پلان تيار ڪيو ويو آھي هر سال بجلي شعبي جي گردشي قرض جي مد ۾ بجلي بلن ۾ سرچارج لڳائي 140 ارب عوام کان وصول ڪيا ويندا تفصيل موجب وفاقي حڪومت کي بجلي بلن ۾ سرچارج لڳائڻ جو اختيار ڏيڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس جاري ٿي چڪو آهي، جنهن جي روشني ۾ موجوده پي ٽي آءِ سرڪار جي مدت جي باقي رهندڙ اڍائي سالن يعني 2023 تائين بجلي جي في يونٽ قيمتن ۾ اضافي توڙي بجلي بلن ۾ گردشي قرض جي رقم به عوام کان وصول ڪرڻ لاءِ سرچارج لڳائڻ جو پلان تيار ٿي ويو آھي پنهنجي اخبار وٽ وفاقي حڪومت جي لکت ۾ موجود دستاويز موجب موجوده وفاقي سرڪار 2023 تائين بجلي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام کان اضافي مجموعي طور تي 878 ارب رپين جون وصوليون ڪندي، مجموعي طور تي بجلي جي في يونٽ جي قيمتن ۾ 4 رپيا 60 پيسن جي واڌ ڪئي ويندي، ايندڙ جون مهيني ۾ بجلي جي في يونٽ قيمتن ۾ 2 رپيا 55 پيسن جي واڌ ڪئي ويندي جنهن بعد في يونٽ جي قيمت 16 رپيا 44 پيسن کان وڌي 18 رپيا 99 پيسا ٿي ويندي، ٻئي مرحلي ۾ بجلي جي في يونٽ قيمتن ۾ ڏيڍ رپيو جي سال 2022 دوران واڌ ٿيندي، قيمت وڌي 20 رپيا 49 پيسا ٿي ويندي ٽئين مرحلي ۾ 55 پيسن جي واڌ سان سال 2023 ۾ بجلي في يونٽ قيمت وڌي 21 رپيا 4 پيسا ٿي ويندي، جڏهن ته بجلي شعبي جي گردشي قرض جي مد ۾ به عوام کان وصولي ٿيندي ان لاءِ بجلي جي بلن ۾ 10 سيڪڙو سرچارج لڳائي 2023 تائين هر سال عوام کان 140 ارب روپيا وصول ڪيا ويندا ان لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمتن ۾ 1 رپيو 40 پيسا سرچارج لڳايو ويندو سرچارج، 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ بعد هن حڪومت جي دور حڪومت ۾ بجلي جي في يونٽ جي قيمت ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 27 رپيا في يونٽ تي پهچي ويندي ان عرصي دوران تيل قيمتن ۽ بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين جي انتظامي خرچن ۾ اضافو ٿيو ته بجلي جي في يونٽ قيمت 30 رپين تائين وڌي وڃڻ جو امڪان آهي. جنهن سان صنعتن ۾ تيار ٿيندڙ هر شي جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿيندو ۽ مهانگائي ۾ غيرمعمولي اضافو ٿيندو.