اسلام آباد ۾ ڪورونا جا رڪارڊ ڪيس، اسپتالن ۾ آڪسيجن بيڊز مڪمل ڀرجي ويا

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جي لاءِ مقرر ٽن اسپتالن ۾ آڪسيجن بيڊز مڪمل ڀرجي ويا.

ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر اسلام آباد  موجب وفاقي راڄڌاني ۾ ڪورونا مريضن جي لاءِ مختص اسپتالن ۾ وينٽي ليٽرز  ڀرجي ويا  جنهن کان پوءِ هاڻ اسپتالن ۾ وڌيڪ گنجائش نه آهي. جڏهن ته ڪورونا مريضن جي علاج لاءِ 15 سرڪاري ۽ نجي اسپتال مختص ڪيا ويا آهن. ڊي ايڇ اي جو چوڻ آهي ته پمز ۾ 163 آڪسيجن بيڊز ۾ 120 ڪورونا مريضن سان ڀرجي ويا.

جڏهن ته مختلف بيمارين جي لاءِ قائم آءِ ايڇ آءِ ٽي سي اسپتال ۾ 70 آڪسيجن بيڊز مان 50 تي ڪورونا  مريض آهن اهڙي طرح پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ 27 آڪسيجن بيڊز مان2 4، سي ڊي اسپتال مان 43 آڪسيجن بيڊز مان 32 تي ڪورونا  جا مريض آهن.

ڊي ايڇ او  ٻڌايو آهي ته شهر ۾ ڪورونا مريضن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ گذريل ڏينهن به 856 ڪورونا جا هاڪاري ڪيس رپورٽ ڪيا ويا جيڪي رڪارڊ ڪيسز آهن.