ملڪ ۾ڪورونا وگهي 58 ماڻهو فوت، حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 13 هزار 595 ٿي ويو

اسلام آباد: ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 58 ماڻهو فوت،  حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 13 هزار 595 ٿي ويو، وائرس جا 2 هزار 511 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، متاثرن جو مجموعي انگ 6 لک 99 هزار کان وڌي ويو،  5 لک 73 هزار کان وڌيڪ مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب  ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 13595 ٿي ويو مجموعي ڪيسز  جو انگ 6 لک 9964 تائين پهچي ويو، جڏهن ته فعل ڪيسز جو تعداد 23355 آهي، هن کان علاوه مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو تعداد 573014 ٿي ويو آهي.