سند يافتا ووٽ چور هر ڀيري ووٽ چوري دوران سڳ سوڌو پڪڙجي وڃي ٿو: مريم نواز

ڪراچي: نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عادي ۽ سند يافتا ووٽ چور هر ڀيري ووٽ چوري لاءِ نئون طريقو ڳوليندو آهي، پر سڳ سوڌو پڪڙجي وڃي ٿو، سينيٽ ۾ ڳجهيون ڪئميراز هٿ اچڻ تي ردعمل ۾ مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته گن پوائنٽ تي ووٽ وٺڻ لاءِ ڳالهه نه ٺهي ته ڪئميراز لڳائي پنهنجي ئي ميمبرز جي جاسوسي ڪرڻي پئجي وئي، اهڙي تاريخي ذلت تي توبهه، هن چيو ته آئيني ترميمي ۾ ناڪامي ۽ صدارتي آرڊيننس ڪچري جي ٽوڪري ۾ ويو ته حڪمران ڳجهي ڪئميراز لاءِ مستري وٺي آيا.