ڊزني پلس جي صارفين جو انگ ڏهه ڪروڙ کان مٿي ٿي ويو

لنڊن: عالمي وبا ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سڄي دنيا ۾ سئنيما گهر بند هئا ۽ ان سبب آن لائن اسٽريمنگ پليٽ فارمز جي استعمال ۾ تيزي سان واڌ سامهون آئي.سئنيما گهر بند هجڻ سبب سڄي دنيا ۾ ڪيتريون ئي فلمون آن لائن اسٽريمنگ پليٽ فارمز تي ئي رليز ٿڻ لڳيون آهن جنهن کان پوءِ آن لائن اسٽريمنگ پليٽ فارمز تي صارفين جي انگ ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي. هاڻ تازو ئي آن لائن اسٽريمنگ سروس ڊزني پلس ڪي پيڊ سبسڪرائبرز جو انگ 10 ڪروڙ کان مٿي ٿي ويو آهي.ڊزني پلس نومبر 2019 ۾ صارفين جي لاءِ پيش ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي ٻڌل سوين فلمون، ڊراما ۽ سيريز رليز ڪيون ويون آهن. هلندڙ سال فيبروري جي شروعات ۾ دزني پلس ڪي پيڊ صارفين جو انگ ساڍا 9 ڪروڙ تائين پهچي ويو هو جنهن کان پوءِ صرف هڪ مهيني جي اندر ئي آن لائن اسٽريمنگ سائٽ جي صارفين جي انگ ۾ 50 لک اضافو نظر آيو آهي. هاڻ ڪمپني طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته ان جي اسٽريمنگ سروس تي صارفين جو انگ 10 ڪروڙ کان مٿي ٿي ويو آهي.