ڪراچي: بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ بلوچ ڪلچر ڊي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي،بلوچ ڪلچر ڊي منفرد روايتن ۽ خوبصورت ثقافت جي سڃاڻ آهي، هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد بلوچ ثقافتي روايتن، تهذيب ۽ تمدن ، منفرد طرز زندگي ۽ معاشرت ۽ تاريخي ورثي کي بهتر طريقي سان سمجهڻ ۽ ان کي سدائين جيئرو رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي .
ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعليٰ بلوچستان ڄام ڪمال چيو ته بلوچستان مختلف قومن ،قبيلن۽ رنگ ۽ نسل سان تعلق رکندڙماڻهن جو گلدستو آهي ، بلوچستان جي ثقافت امن جي ثقافت آهي .
پنجاب جي وڏي وزيرعثمان بزدار بلوچ ڪلچر ڊي تي بلوچ ڀائرن کي مبارڪ ڏني آهي ، بزدار جي هدايت تي پنجاب ۾ به بلوچ ڪلچر ڊي ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي . سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به ان حوالي سان پروگرامز ڪرايا پيا وڃن ، بلوچ ڪلچر ڊي ملهائڻ جو مقصد محبت، ڀائيچاري ۽ يگانگت کي عام ڪرڻ آهي ، پنهنجي ثقافت کي ياد رکڻ واريون قومون ئي ترقي ڪنديون آهن .