ملڪ ۾ ايل پي جي اڃا مهانگي ٿي وئي

اسلام آباد: ايل پي جي جي اگهه ۾ واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ گيس جي قيمت 160 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي.
اوگرا مارچ جي لاءِ ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 2 رپين جي واڌ سان 160 رپيا ٿي وئي آهي جڏهن ته گهرو سيلينڊ جي قيمت 22 رپيا وڌي 1885 رپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر جي قيمت 84 رپيا وڌي 7252 رپيا ٿي وئي. ايل پي جي جي پيداواري قيمت 1577 رپين جي واڌ سان 96860 رپيا ٽن ٿي وئي آهي.