آمريڪي جنگي جهازن جي شام تي بمباري، سترهن ڄڻا مارجي ويا

دمشق: شام ۾ آمريڪا جي جنگي جهازن ايران جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 17 ويڙهاڪ مارجي ويا.
عالمي خابرو اداري موجب شام جي ڏاکڻين عولائقي دير الزور ۾ آمريڪي جهازن ايران جي حمايت يافته مليشا جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي، هوائي حملي ۾ ايران نواز هٿياربند گروهه جا 17 ويڙهاڪ مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا.
انساني حقن جي شامي آبزرويٽري آمريڪا جي حملي ۾ ايران جي حمايت ڪندڙ مليشيا جي 17 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي، عراق ۾ آمريڪي مرڪزن ۽ سفارتخاني تي حملن بعد جوبائيڊن اهڙي ڪارروائي جي اجازت ڏني هئي.
پينٽاگان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هوائي حملن ۾ ويڙهاڪن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو ۽ هٿيارن جا ڊيپ تباهه ڪيا ويا، شام پاران ان ڪارروائي تي ڪو به تبصرو سامهون نه آيو آهي.