سيف الله ابڙو کي 35 ڪروڙ رُپين ۾ سينيٽ ٽڪيٽ ڏيڻ جو انڪشاف

دادو: پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي طرفان سيف الله ابڙو کي 35 ڪروڙ رُپين ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ ٽڪيٽ ڏيڻ جو انڪشاف، لياقت جتوئي چيو آهي ته پي ٽي آءِ ٽڪيٽس ورهائڻ لاءِ پارلياماني بورڊ نه ٺهيو، گورنر هائوس ۾ سياسي ڊرائينگ روم سجائي ٽڪيٽس تي سودا ڪيا ويا، رڳو پن پسند ماڻهن کي ٽڪيٽس ڏنيون ويون، 6 مهينا اڳ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هو، کيس ڪهڙي بنياد تي سينيٽ اليڪشن لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي، حليم عادل شيخ هوا ۾ اڏامي رهيو هو، مراد علي ساهه مٿس حملو نٿو ڪرائي سگهي، پيپلز پارٽي سان سياسي اختلاف آهن، پر ڪڏهن به ذاتي تنقيد ناهي ڪئي.