پي ايس ايل 6 : ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز اڄ آمهون سامهون ٿيندا

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ جو ميلو اڄ سجندو جنهن ۾ دفاعي چيمپين ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز آمهون سامهون ٿيندا.

پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 6 ۾ 6 ٽيمن جي وچ ۾ ٽرافي جي جنگ اڄ کان شروع ٿي رهي آهي.

جنهن ۾ پرڏيهي رانديگر به پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ تيار آهن. افتتاحي تقريب   اڄ ڇنڇر جي شام پوڻي ستين وڳي شروع ٿيندي. دفاعي چيمپين ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز افتتاحي ميچ ۾ رات جو 8 وڳي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿيندا.

ڪوئٽه گليڊي ايٽرز کي ڪرس گيل جوسهارو آهي ته ڪراچي ڪنگز وٽ بابر اعظم موجود آهي.