آمريڪا کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ گهرجي: مسعود خان

ڪراچي: آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان چيو آهي ته آمريڪا جي موجوده صدر کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڀارت ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن، ڪشميري هڪ ڏينهن آزادي ضرور ماڻيندا. ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آزاد ڪشمير جي صدر چيو ته ڪشميرين جو پاڪستان سان مضبوط رشتو آهي، پاڪستان ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن کي دنيا آڏو وائکو ڪيو آهي. َآزاد ڪشمير جي صدر چيو ته آمريڪا جي موجوده صدر کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڀارت ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن، ڪشميري هڪ ڏينهن آزادي ضرور ماڻيندا ….