اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو ڪندڙ پي ٽي آءِ وارا هئا: فضل الرحمان

ملتان: جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو ڪندڙ پي ٽي آءِ وارا هئا، ويڊيو پي ٽي آءِ ٺاهي، ميمبرن کي وڪرو ڪندڙ ۽ خريد ڪندڙ به پي ٽي آءِ وارا آهن،. ملتان ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران نوازشريف سان رابطو نه ٿيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته آصف زرداري جي صحت خراب هجڻ سبب سندس گهر ۾ ملاقات ڪرڻ جو ارادو آهي… واضح رهي ته سينيٽ جي ايندڙ چونڊن جي حوالي پي ڊي ايم گڏيل اميدوار بيهارڻ جو فيصلو پهريان ئي ڪري چڪي آهي….