سليڪٽيڊ حڪومت جو عوام دشمن روپ وائکو ٿي چڪو آهي: شازيه مري

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته سليڪٽيڊ حڪومت جو عوام دشمن روپ وائکو ٿي چڪو آهي.سرڪاري ملازمن سان دشمن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته هاري پنهنجي فصل جي مناسب قيمت جو مطالبو ڪن ته لٺيون کائين ٿا.هن چيو ته شاگرد احتجاج ڪن ته بي رحمي سان تشدد جو شڪار ٿين ٿا، عوام کي پيٽرول، بجلي، گيس جي قيمتن ۾ ڦرلٽ جو شڪار بڻايو پيو وڃي.هن چيو ته عوام دشمن حڪومت مهانگائي سان غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري رهي آهي، ٽن سالن ۾ عوام کي نه ريليف مليو، نه ئي رياست ڪا رعايت ڏني.پ پ اڳواڻ چيو ته قوم جي اثاثن کي بي شرمي سان نيلام ڪيو پيو وڃي، عوام آپگهات ڪري رهيو آهي ۽ وزير اعظم چئي ٿو ته مان ڇا ڪريان. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نعيم بخاري کي پي ٽي وي چيئرمين مقرر ڪرڻ بابت درخواست اڪلائي ڇڏي،چيف جسٽس اطهر من الله درخواست هدايتن سان گڏ اڪلائي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڄاڻايو ته نعيم بخاري جي مقرري سپريم ڪورٽ جي هدايتن مطابق نه هئي،نئين چيئرمين جي مقرري وقت سپريم ڪورٽ جي هدايتن کي سامهون رکيو وڃي.عدالت ڄاڻايو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي پراڻي نالي کي به ٻيهر غور هيٺ آڻي سگهجي ٿو.هاءِ ڪورٽ مطابق عمر جي گنجائش جي صورت ۾ حڪومت کي ان جا سبب ڄاڻائڻا پوندا.