پي ايس ايل سڪس: آن لائن ٽڪيٽن جو وڪرو جمعي کان شروع ٿيندو

لاهور: پاڪستان سپر ليگ( پي ايس ايل) 2021 جي لاءِ آن لائن ٽڪيٽن جو وڪرو جمعي کان شروع ٿيندو.
نينشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي 20 سيڪڙو شوقينن کي ميچز ڏسڻ جي مشروط اجازت ڏني آهي.
هن ميچ ۾ 7500 لڳ ڀڳ شوقين اسٽيڊيم اچي سگهندا.
محدود ٽڪيٽون بڪ مي ڊاٽ پي ڪي کان خريد ڪري سگهبيون، ٽڪيٽن جي قيمن جو اعلان جلد ڪيو ويندو.