سنڌ ۾ حڪمرانن جا ڪوئا 14 ارب رُپين جِي تازي ڪڻڪ ڳڙڪائي وڃن ٿا: شهباز گِل

اسلام آباد : وزيراعظم جي خاص صلاحڪار شهباز گل چيو آهي سنڌ ۾ حڪمرانن جا ڪوئا 14 ارب رُپين  جِي تازي ڪڻڪ ڳڙڪائي وڃن ٿا، پر عوام کي کائڻ لاءِ ناقص ڪڻڪ ملي ٿي، وزيراعظم جَي خصوصي معاون شهباز گِل پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ مافيا حڪومت ڪري رهي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ مال پاڻي ڳڙڪائڻ گهري ٿي، پوءِ ڀلي ان لاءِ ڪيترن به ماڻهن جي حياتين سان ڇو نه  کيڏڻو پوي.