اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن جي ڀڃ ڊاهه جو چيف جسٽس پاران نوٽيس، ڌريون طلب

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ وڪيلن جي احتجاج توڙي هنگامن جو چيف جسٽس آف پاڪستان طرفان نوٽيس، چيف جسٽس گلزار احمد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي عهديدارن ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله کي سپريم ڪورٽ طلب ڪري ورتو، وڪيلن جي احتجاج ۽ هنگامن دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي بلاڪ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، ڇڪتاڻ واري صورتحال بعد سيڪيورٽي جا سخت انتظام، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين ماتحت عدالتن ٻاهران سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام، وڪيلن طرفان ڊاهي پٽ ڪيل چئمبرز بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.