پي ڊي ايم وارا لانگ مارچ ڪن يا اُبتا ٽنگجي وڃن، اين آر او نه ڏيندس: وزيراعظم

ڪوٽلي: آئون هر ڪنهن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پي ڊي ايم وارا لانگ مارچ ڪن يا اُبتا ٽنگجي وڃن، آئون ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ڏيندس، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو ته ننڍن چورن کي جيلن ۾ وجهان ۽ وڏن لٽيرن کي اين آر او ڏيان، پي ڊي ايم وارا ڀلي لانگ مارچ ڪن، اسان سندن مدد ڪنداسين، پر آئون ڪنهن سان به مفاهمت نه ڪندس.