سپريم ڪورٽ وزيراعظم طرفان اسيمبلي ميمبرز کي فنڊز ڏيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد ؛ سپريم ڪورٽ وزيراعظم طرفان اسيمبلي ميمبرز کي فنڊز ڏيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اٽارني جنرل ۽ چئني صوبن جي اي جيز کي نوٽيسز جاري، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ حڪم ڏنو آهي ته اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪري ته ڇا وزيراعظم طرفان ترقياتي فنڊز ڏيڻ قانون ۽ آئين موجب آهي؟ ترقياتي فنڊز ڏيڻ وارو معاملو آئين موجب نه هوندو ته ڪارروائي ڪنداسين، عدالتي ڪارروائي بابت بئنچ جوڙڻ لاءِ معاملو چيف جسٽس ڏانهن اُماڻيو ويندو.